فريدآباد(ن پ ا)   ٻوڏ ۽  برسات جي پاڻيءَ جي تباهي کي 25 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود صوبائي توڙي وفاقي سرڪار ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن جي ڪابه واهر نه ڪئي آهي، جنهن ڪري سوين متاثرخاندان سپريو بند، ايم اين وي ڊرين ايف پي بچاء بند سميت ڪاڇي جي رڻ ۾ بي يارو مددگار ويٺل آهن. ھڪ طرف کاڌ خوراڪ، صحت، پيئڻ جو پاڻي، روڊ رستا نه ھئڻ ڪري متاثر خاندان بک بدحالي ۽ بيمارين جي ور چڙهيل آهن ته  ٻي طرف پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺن مان چور ٻيڙيون ڪاھي اچي ڊٺل گهرن جا گاڊر، ٽيئر، در دريون ۽ ٻيو گهرن ۾ پيل  قيمتي سامان چوري ڪري وڃڻ لڳا آهن. ھوڏانھن فريدآباد ۽ ڀرپاسي جا متاثر فريدآباد کان ميهڙ پهچڻ لاءِ 3 پتڻ پار ڪري ھڪ پاسو 1200 رپيا ٻيڙين جو ڪرايو ڀرڻ تي مجبور آهن. فريدآباد جي واپارين دڪاندارن رستن جو بھانو بڻائي عام واهپي جي شين جا اگهه ٻيڻ تي وڌائي ڇڏيا آهن ۽ انتظاميا گم آهي ھتان جي متاثرن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڊاڪٽر برڪت جتوئي، امير علي چانڊيو،اسلم سيلرو، ميھر ڏيرو ۽ ٻين سرڪار کان مطالبو ڪيو ته متاثرن کي علاج، کاڌ خوراڪ،سفري سھولتن لاءِ سرڪاري ٻيڙيون، ٽينٽ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.