قمبر/فريد آباد (نمائندن وٽان) قمبر ويجهو جابلو پٽي واري علائقي ۾ زمين جي مالڪي تان هٿياربندن جي فائرنگ، همراهه قتل، تفصيل موجب غيبي ديرو ٿاڻي جي حد کير ٿر جي جابلو پٽي جي ڏورانهين علائقي ڳوٺ باجڪ ۾ زمين جي مالڪي تان هٿياربندن فائرنگ ڪري 45 سالن جي بشير احمد گائنچو کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جا وارث نوجوان جو لاش غيبي ديرو ٿاڻي تي کڻائي پهتا، جتان لاش پوسٽ مارٽم لاءِ قمبر اسپتال آندو ويو، مقتول جي ڀاءُ محمد شريف گائنچو ٻڌايو ته سندس ڀاءُ ڪجهه وقت اڳ هتان لڏ پلاڻ ڪري سيوهڻ ڀرسان ڳوٺ ڏتل سولنگي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي، فصل جي پوکائي جي سلسلي ۾ هو ڳوٺ آيو، جتي هر ڪاهي رهيو هيو ته پنهنجي ئي برادري جي ماڻھن حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو زمين جي مالڪي تان پيش آيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.