فريدآباد(ن پ ا) ڪاڇي مان کنڀي گم ڪيل رياض خاصخيلي جي آزادي لاءِ سندس وارثن 99 ڏينھن به 12 ڪلاڪ بک هڙتال جاري رکي. 10 مھينن کان کنڀي گُم ڪيل رياض خاصخيلي جي آزادي لاءِ سندس وارثن ڀاءُ حاجي خان خاصخيلي، فقير اعجاز، حسين بشير سنڌي، عارف عمر، عباس شفيع خاصخيلي،
اعجاز علي ۽ ٻين نِٽهَڻ اُس ۽ گرم جهولي ۾ احتجاج جاري رکندي چيو ته اسان جي ڀاءُ امتياز خاصخيلي وانگي ٻيو ڀاءُ رياض خاصخيلي به بيگناھ آهي، سندس ڪنهن پابندي مڙهيل تنظيم يا ٻي ڪنهن پارٽي سان ڪوبه واسطو ناهي. تنھن باوجود به ھن کي 10 مھينن کان کنڀي گم ڪيو ويو آهي. ھنن وڌيڪ چيو ته بيگناھ ڀاءُ جي آزادي لاءِ ڪيتري ئي عرصي کان مختلف شهرن ۾ پرامن احتجاج ڪندا پيا اچون پر ھينئر تائين سندس جو ڪوبه ڏس پتو ڪونھي ته ھو ڪٿي آھي ۽ ڪھڙي حال ۾ آھي. ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف جسٽس آف سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جِبري طور کنڀي گُم ڪيل اسان جي گھر جي چَشم و چراغ رياض خاصخيلي جي گُمشدگي جو نوٽيس وٺي کين آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.