فريدآباد(ن پ ا) فريد آباد ۾  ڳوٺ سيلرا ۽ شاھنواز عباسي جي ٻوڏ متاثرن قاسم علي خاصخيلي، ياسر خاصخيلي، رضا محمد سيلرو، محمد عرس خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ڳوٺاڻن چيو ته ڏيڍ مھيني کان  ايف پي بچاء بند ۽ پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺن ۾ ويٺا آهيون گھر ٻڏي ويا ھر شي تباھ ٿي وئي آهي چونڊيل نمائندا، ڊي سي دادو اي سي ميھڙ سميت ڪير سرندي وارو به لڙي ناھي آيو ۽ ڪير به پڇڻ وارو ناھي انتظاميه ڪاسار لھڻ لا تيار ناهي. سوين متاثر بکن ۾ پاھ ٿي ويا آهن ڳوٺن ۾ نانگن جو آزار به  وڌي ويو آهي. راشن، ٽينٽ، دوائون ڏيئي واھر ڪئي وڃي.