فريدآباد(ن پ ا ) فريدآباد لڳ ڳوٺ سيدپور جي مين بوائيز پرائمري اسڪول ۾  بُنيادي سهولتون اڻلڀ آهن، فرنيچر، بليڪ بورڊ، باٿ روم، ڪولر، بائونڊري وال سميت ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف شاگردن علي رضا، آڪاش، عاقب، شاهنواز، سرمد، عبدلصبور ،ضمانت علي، مهراڻ علي ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن چيو ته جديد دور ۾ به اسان جو اسڪول صدين اڳ وارو پُراڻو ڏيک ڏئي رهيو آهي جڏهن ته مها ٻوڏ ۾ اسڪول جي بلڊنگ زبون حال بڻجي وئي آهي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ به روز جو معمول بڻيل آهن هنن وڌيڪ چيو ته اسڪول ۾ بُنيادي سهولتن جي به کوٽ آهي جنهن ۾ ڊيسڪون، بينچون، ڪرسيون، ڪولر سميت ٻين سهولتن جي کوٽ هجڻ ڪري اسان ايڏي وڏي ٿڌ ۾ پَٽَ تي ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهيون ھنن وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم، ڊي اي او دادو پرائمري، ٽي اي او پرائمري ميهڙ کان مُطالبو ڪيو ته اسان جي اسڪول ۾ بُنيادي سهولتن فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.