اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پيپلزپارٽي اڳواڻن فريال ٽالپر، ناصر شاهه، منظور وساڻ، سهيل انور سيال جي اقامو رکڻ واري مامري تي نااهل ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، سمورين ڌرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اڄ کان پوءِ ٻيهر ٻڌڻي بغير ڪنهن جواز جي ملتوي نه ڪئي ويندي، ڪالهه جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ آڏو جيئن ئي جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي شروع ٿي ته عدالت ۾ فريال ٽالپر، منظور وساڻ، ناصر شاهه ۽ سهيل انور سيال جا وڪيل موجود نه هئا، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته افسوس آهي جو وڪيل عدالت ۾ پيش ناهن ٿيا، مختصر ٻڌڻي اڃا جاري هئي ته ناصر شاهه جو وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته عدالت پهچڻ ۾ دير ٿي ان ڪري معذرت ڪريان ٿو، جسٽس عمر عطا بنديال کيس چيو ته سمورين ڌرين جا وڪيل عدالتي روايتن کي پنهنجي آڏو نه ٿا رکن ۽ هن کان پهريان به ٻڌڻي ڪيترائي ڀيرا ملتوي ڪري چڪا آهيون، هاڻي ٻيهر ٻڌڻي ملتوي نه ڪنداسين.