اسلام آباد: چونڊيل نمائندن ۾ انعامي بانڊ رکڻ جو شوق وڌي ويو، شڪارپور مان چونڊيل  عابد حسين ڀيي 18 لک 60 هزار رپين جا بانڊ ظاهر ڪيا  آهن، غوث بخش مهر 2 لک، نعمان اسلام شيخ 46 لک 32 هزار، خالد لنڊ 2 ڪروڙ 50 لک، سيد نويد قمر هڪ ڪروڙ جا بانڊ، فهيم خان 9 لک 88 هزار جا بانڊ، اسامه قادري  37 لک جا بانڊ،  مريم اورنگزيب وٽ 3 لک 50 هزار رپين، مهرين ڀٽو 50 لک جا بانڊ، لال مالهي 35 لک رپين جا بانڊ، رميش ڪمار وڪواڻي 5 لک 60هزار جا بانڊ، جئي پرڪاش وٽ ڏيڍ ڪروڙ رپين جا بانڊ، ڊاڪٽر درشن لال 51 لک 80 هزار ، سهراب سرڪي وٽ 6 لک 50 رپين جا بانڊ، مير ممتاز حسين 68 لک رپين جا بانڊ، عبدالرئوف کوسو 12 لک رپين جا بانڊ، شهريار مهر هڪ ڪروڙ 30 لک رپين جا بانڊ، سراج دراني هڪ ڪروڙ 48 لک رپين جا بانڊ،  فريال ٽالپر 55 لک رپين جا بابڊ، شهريار شر 20 لک جا بانڊ، علي گوهر خان 15 لک 50 هزار رپين جا بانڊ، سيد اويس قادر شاهه 10 ڪروڙ 8 لک جا بانڊ ۽ روڪ رقم، سيد فرخ احمد شاهه 60 لک رپين جا بانڊ ۽ روڪ رقم، ناصر شاهه 2 ڪروڙ 90 لک رپين جا بانڊ، نعيم کرل 5 لک رپين جا بانڊ، ممتاز چانڊيو 3 لک 15 هزار رپين جا بانڊ، عذرا فضل پيچوهو هڪ ڪروڙ 15 لک 60 هزار رپين جا پريميم بانڊ ۽ ان جي مڙس فضل الله پيچوهو وٽ 80 لک پريميم  بانڊ ۽ 2 ڪروڙ 34 لک 90 هزار جا انعامي بانڊ، سيد سردار علي شاهه 83 لک جا بانڊ ۽ روڪ رقم، تيمور ٽالپر هڪ ڪروڙ 54 لک 45 هزار رپين جا بانڊ ۽ روڪ رقم،  ارباب لطف الله هڪ ڪروڙ رپين جا بانڊ ۽ روڪ رقم، شرجيل انعام ميمڻ 7 ڪروڙ 29 لک رپين جا بانڊ ۽ روڪ رقم ۽ گهرواري وٽ بانڊ ۽ روڪ رقم هڪ ڪروڙ رپيا، سيد اعجاز شاهه 5 لک 22 هزار رپين جا بانڊ، عبدالڪريم سومرو 3 لک 45 هزار ، سيد شاهه حسين شاهه 15 لک رپين جا بانڊ اثاثن ۾ ظاهر ڪيا آهن، علي حسن هڪ ڪروڙ 36 لک رپين جا بانڊ، عبدالعزيز جوڻيجو 7 لک 50 هزار جا بانڊ، حليم عادل شيخ 10 لک جا بانڊ، خرم شير زمان هڪ لک رپين جا پرائيز بانڊ، خواجا اظهار الحسن 21 تولا سون، محمد نواز جعفري 22 تولا سون، ريحانه لغاري 61 لک 44 هزار رپين جا بانڊ، ڪلثوم چانڊيو هڪ ڪروڙ 3 لک جا بانڊ ۽ روڪ رقم، مڪيش ڪمار چاولا ڪروڙ 90 لک رپين جا بانڊ، لال چند اڪراڻي 38 لک، سينيٽر سليم مانڊوي والا 75 لک، مولا بخش چانڊيو  19 لک رپين جا بانڊ پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيا آهن.