فرودس عاشق جي اسسٽنٽ ڪمشنر سان بدڪلامي، سوشل ميڊيا جو ردعمل

0
442

وزيراعليٰ پنجاب جي خصوصي معاون فردوس عاشق جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هوءَ سيالڪوٽ جي اسسٽنٽ ڪمشنر سونيا صدف سان بدڪلامي ڪري رهي آهي، آچر جي شام پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا تي فردوس عاشق ۽ اي سي وارو اهو واقعو بحث هيٺ رهيو، ٽوئيٽر تي فردوس عاشق ٽرينڊ هليو، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فردوس عاشق اعواڻ رمضان بازار جو دورو ڪري رهي آهي جتي هوءَ سيالڪوٽ جي اسسٽنٽ ڪمشنر سونيا صدف سان تيز ٿي ڳالهائي رهي آهي جنهن جو ڪارڻ فروٽ جو معيار هو، وڊيو ۾ فردوس عاشق اسسٽنٽ ڪمشنر کي چوي ٿي ته اوهان جون حرڪتون ئي ناهن اي سي واريون، اسسٽنٽ ڪمشنر فردوس عاشق کي ٻڌائي ته گرمي جي ڪري هي فروٽ خراب ٿي ويا آهن جنهن تي فردوس عاشق چوي ٿي ته هن کي فوري تبديل ڪرايو هي اوهان جي ڊيوٽي آهي، ڪاوڙ ۾ فردوس چوي ٿي ته هي ٿرڊ ڪلاس فروٽ هتان کڻايو، سونيا صدف کيس چوي ته هوءَ فردوس عاشق کان اڳ ٻه ڀيرا دورو ڪري چڪي آهي، فردوس عاشق کيس چوي ٿي ته اوهان پگهار ان ئي ڪم جي وٺندا آهيو جنهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر کيس چوي ٿي ته ميڊم آرام سان به ڳالهائي سگهجي ٿو، وري فردوس عاشق کيس پوئتي رهجي وڃڻ تي چوي ٿي ته اوهان ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي رهجي ٿا وڃو اوهان وزٽ تي آيا آهيو جنهن تي سونيا رش هجڻ جو چوي ٿي، فردوس عاشق ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چوي ٿي ته رش سڀني لاءِ آهي اوهان ڪو آسمان تان لٿا آهيو ڇا ؟ جنهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر اتان هلي وڃي ٿي پر فردوس پويان چوندي رهي ٿي ته اوهان وي آءِ پي ڊرائنگ روم ۾ وڃي ويهو هي ڪهڙو طريقو آهي اوهان جو، اهڙي وڊيو سامهون اچڻ بعد سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن فردوس عاشق جي حمايت ڪئي ته ڪجهه ماڻهن وري اسسٽنٽ ڪمشنر جي حمايت ڪئي. فردوس عاشق جي حامين جو چوڻ هوته فردوس جو اهو انداز ٺيڪ هو ڪامورا شاهي سان ايئن ئي ٿيڻ گهرجي. حسان خاور لکيو ته سرڪاري ملازمن کي سرعام ڇنڊ پٽڻ تي سياسي مقبوليت ته شايد ملي وڃي پر انهن جا حوصلا ٽٽي پوندا جن کي اوهان جي پاليسين تي عمل ڪرائڻو آهي. نعمان حسن لکيو ته ڇا انهن کي ڪير ڇنڊ نٿو پٽي سگهي، انهن تائين عام ماڻهن جي رسائي ناهي هوندي انهن کي پنهنجي طاقت جو اندازو هوندو آهي پر ذميوارين جو نه، سعديه لکيو ته فردوس عاشق پنهنجي وڏي آواز جي ڪري مشهور آهي هو شايد غلطي ڪڍڻ صحيح هجي پر ان جو هڪ طريقو هوندو آهي خاص طور ميڊيا ۽ ماڻهن جي موجودگي ۾ هڪ عورت آفيسر سان، فواد لکيو ته آخر ۾ اهو غريب ئي هوندو آهي جنهن جو خون چوسيو ويندو آهي جن سان اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ فردوس عاشق جهڙا ماڻهو بدتميزي ڪندا آهن سياستدان ڪامورن کي ڇنڊ پٽيندا آهن ۽ اهي ڊاڪٽرن، ٽيچرز ۽ دڪاندن تي ڪاوڙ ڪڍندا آهن ۽ غريبن جو فروٽ روڊن تي اڇلائي ڇڏيندا آهن.جويريه نعيم لکيو ته اي سي سيالڪوٽ کي سندس بي مثال وقار لاءِ شاباش، علي رضا فردوس عاشق جي رويي کي تلخ قرار ڏيندي چيو ته نا اهل ۽ غير ذميوار بيوروڪريٽس کي عوامي هنڌن تي ڇنڊ پٽڻ بدران انهن کي او ايس ڊي بڻايو وڃي جنهن تي هڪ ٻئي صارف عبير خان لکيو ته شايد اوهان صحيح هجو پر ڪڏهن ڪنهن ڪم لاءِ اي سي يا ڊي سي آفيس جو دورو ڪريو جنهن طرح اهي ۽ سندن عملو پيش ايندو اوهان کي اندازو ٿي ويندو. نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سيالڪوٽ جي اسسٽنٽ ڪمشنر سونيا صدف،جي ڳالهه ۾ واقعي وزن آهي ته ماڻهون آرام سان به ڳالهائي سگهي ٿو، جنهن تي مختيار ملڪ لکيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر هاڻي صبح شام فروٽ جي گراني ڪن، پنجاب حڪومت جي وزير شاهي جو فيصلو، اعجاز علي جوڻيجو لکيو ته فردوس عاشق اي سي کان سوال ڪيو ته ڪنهن بي غيرت اوهان کي هتي لڳايو آهي اهو سوال ان کان پاڻ کان ڪرڻ گهرجي، دليپ اسواڻي لکيو ته اي سي کي جس هجي تربيت پنهنجو پاڻ ظاهر ٿيندي آهي، ممتاز هاليپوٽو لکيو ته هن ملڪ ۾ ايترا ايماندار وزير موجود آهن ته پوءِ ملڪ جو ٻيڙو ڪير ٻوڙي رهيو آهي؟صادق علي درس لکيو ته هن جي جاءِ تي ڪو سنڌي ڪامورو هجي ها ته رات ئي سڄي منسٽر جي گهر معافي لاءِ پهچي وڃي ها، محمد رفيق لکيو ته ھنن بيوروڪريٽس کي ايترو معصوم نه سمجھيو وڃي. عمران رسول لکيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر يقينن استعيفا جو سوچيندي هوندي پر هن کي عدالت وڃڻ گهرجي. نصير ميمڻ لکيو ته اقتدار جي مڳي خوفناڪ آهي پر ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن اها آفيسرياڻي فردوس کي هٿ ڪڙيون به پارائيندي.