فرمائشي آدم ڳڻپ ۾ فرمائشي واڌ

0
167
فرمائشي آدم ڳڻپ ۾ فرمائشي واڌ

ملڪ جي پهرين ڊجيٽل آدم ڳڻپ ڏينهون ڏينهن تڪراري ٿيندي پئي وڃي. وفاقي حڪومت جو ڳڻپ وارو کاتو هر هفتي سياسي فرمائشن جي بنياد تي آدم ڳڻپ جي مدي ۾ واڌ ڪري رهيو آهي. 2017ع ۾ ٿيل آدم ڳڻپ تي ڪراچي شهر جي هڪ تنظيم تي اعتراض واريو. سنڌ حڪومت اتحادي ڌر کي خوش ڪرڻ لاءِ معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وئي. عمران خان جڏهن وزيراعظم هو ته ساڳي ڌر سندس اتحادي هئي ۽ سندس حمايت کي برقرار رکڻ لاءِ هن به سندن مطالبي کي مڃيو 2020ع ۾ ئي نئين آدم ڳڻپ جون تياريون شروع ڪيون ويون. ان آدم ڳڻپ کي تڪڙو ۽ جديد بنيادن تي ڪرائڻ لاءِ ان کي ڊجيٽل پليٽ فارم وسيلي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان مقصد لاءِ سافٽ ويئر ۽ ٽيبليٽس جي بندوبست لاءِ نادرا جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. ان سڄي بندوبست ۾ ايترو وقت لڳي ويو جو نيٺ وڃي 2023ع مارچ ۾ فيلڊ جو ڪم شروع ٿي سگهيو.

فيصلو اهو ڪيو ويو ته مارچ جي پڇاڙي تائين فيلڊ جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو ۽ اپريل ۾ ان جا نتيجا تيار ڪري حڪومت حوالي ڪيا ويندا. ان بنياد تي مئي کان اليڪشن ڪميشن نيون تڪبنديون ڪرائڻ وارو ڪم شروع ڪندي. اهڙي طرح 2023ع ۾ مقرر عام چونڊون نئين آدم ڳڻپ جي آڌار ڪرايون وينديون. جڏهن آدم ڳڻپ شروع ڪئي وئي ته ان وقت ئي اسان ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي هئي ته آدم ڳڻپ لاءِ رکيل وقت ڪافي ناهي. سائين فضل الله قريشي ۽ مون چيف سينسس ڪمشنر کي ان ڏس ۾ خط به لکيو ۽ ساڻس ملاقات به ڪئي. شروع ۾ اسان جي ڳالهه کي سنجيده نه ورتو ويو پر اڳتي هلي ثابت ٿيو ته اسان جو اندازو ۽ خدشو ٺيڪ هو. مارچ تائين توقع موجب ڳڻپ پوري نه ٿي سگهي، ٻه ٽي هفتن جو مدو وڌائڻ ته ٺيڪ هو پر گذريل مهيني کان هاڻي لڳاتار هڪ لساني ڌر جي فرمائش تي ان جو مدو وڌايو پيو وڃي. ڪراچي جي هڪ لساني ۽ تعصبي مذهبي ڌر پاڻ مرادي طور هٿ ٺوڪي دعويٰ ڪري ٿي ته ڪراچي جي آبادي ساڍا 3 ڪروڙ آهي. هاڻي جڏهن آدم ڳڻپ جي نتيجن سندن دعوائن جي اصليت کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي ته هنن پنهنجي روايتي سياسي بليڪ ميلنگ وارو رستو اختيار ڪيو آهي. هاڻوڪي حڪومت کي به جيئن ته ان ڌر جي پارلياماني حمايت جي ضرورت آهي، تنهنڪري سندس مطالبي تي نه رڳو آدم ڳڻپ جي مدي ۾ هڪ ٻئي پٺيان واڌ ڪئي پئي وڃي پر هٿرادو طرح سان ان جي سياسي اثر وارن علائقن ۾ آبادي ۾ واڌ به ڪئي پئي وڃي.

هاڻي جڏهن آدم ڳڻپ جو مدو 15 هين مئي تائين وڌايو ويو آهي ته جون جي پڇاڙي تائين نتيجا به نه اچي سگهندا، جنهن مقصد لاءِ آدم ڳڻپ تڪڙ ۾ ڪئي پئي وئي، اهو مقصد ان طرح حاصل ٿي نه سگهندو.

آدم ڳڻپ جو مدو وڌائڻ وقت جيڪو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ان ۾ سڄو زور ڪراچي ۽ حيدرآباد تي ڏنو ويو. جيتوڻيڪ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾، خاص طور تي اتر سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾  لاقانونيت جي اها حالت آهي جو اتي پوليس به وڃي نٿي سگهي. انهن ضلعن ۾ به مڪمل ڳڻپ ٿيڻ ناممڪن آهي. اصولي طور تي وفاقي ڳڻپ کاتي کي انهن ضلعن ۾ رهجي ويل گهراڻن جي ڳڻپ جو ڪو حل ڪڍڻ گهرجي ها پر انهن علائقن کي نظر انداز ڪري هڪ مخصوص ڌر جي خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي اندر 20 لک وڌيڪ ماڻهو ڳڻيل ڏيکاريا ويا. جيئن ته آدم ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿي چڪو هو ۽ ڳڻپ کانپوءِ ٽيبليٽس به واپس وٺجي چڪيون هيون، تنهنڪري وفاقي کاتي پنهنجو نئون عملو ڳڻپ لاءِ مقرر ڪيو. انهن بلاڪن ۾ ٻيهر ڳڻپ جو چيو ويو، جن جي ڳڻپ مڪمل ٿي چڪي هئي. هاڻي ڳڻپ مڪمل ٿيل بلاڪن ۾ اوچتو لکن جي انگ ۾ نئين ڳڻپ ڏيکاري پئي وڃي. ڳڻپ کاتي جي عملي کي به خبر آهي ته ڪهڙي طرح کين هٿرادو طور نوان ماڻهو رکي ڳڻپ جي هدايت ڪئي وئي آهي. عام طور تي آدم ڳڻپ جڏهن مڪمل ٿي ويندي آهي ته ٻن مهينن کانپوءِ ڳڻپ کاتو شروعاتي نتيجا پڌرا ڪري اعتراض وصول ڪندو آهي. اعتراضن جي روشني ۾ ڇنڊڇاڻ ڪري وڌيڪ هڪ مهيني اندر نتيجا حڪومت حوالي ڪيا ويندا آهن. هن ڀيري ڊجيٽل آدم ڳڻپ ٿيڻ سبب هر چوٿين پنجين ڏينهن ڊيٽا سرڪاري عملدارن تائين پهچي رهي هئي. نتيجي ۾ هڪ مخصوص لابي، جنهن ڪراچي جي عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ عام ڪيو هو ته شهر جي آبادي ساڍا 3 ڪروڙ آهي، ان جو ڪوڙ وائکو ٿي پيو ۽ شهر جي آبادي مَس 2017ع جيتري ٿي بيٺي. ان ڌر کي پنهنجو سياسي مستقبل اڳي ئي اونداهو نظر اچي رهيو آهي، تنهنڪري هن حڪومت اڳيان پِٽڪو شروع ڪري ڏنو آهي. سندن فرمائش تي هٿرادو طور ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي ڳڻپ ۾ جيڪا واڌ ٿي آهي، ان جو اندازو 15 ۽ 28 اپريل جي تاريخن ۾ ڪيل آدم ڳڻپ جي انگن مان لڳائي سگهجي ٿو. انهن تاريخن وچ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ نون ڳڻيل/ڪٿيل ماڻهن جو انگ 24.5 لک هو، جڏهن ته باقي سڄي سنڌ ۾ رڳو 6.2 لک نوان ماڻهو ڳڻيا/ڪٿيا ويا. ڊيٽا سان هٿ چراند جو هڪ ٻيو ثبوت اهو آهي ته 15 کان 28 اپريل وچ ۾ ڪراچي جي هر ضلعي ۾ لکين نوان ماڻهو ڳڻيل/ڪٿيل ڏيکاريا ويا. جڏهن ته ملير جي آبادي انهن تاريخن ۾ 21 لک، 48 هزار، 622 مان گهٽائي 21 لک 38 هزار 472 ڏيکاري وئي، يعني ان ۾ 10 هزار ماڻهو گهٽ ڏيکاريا ويا. اهو ڪيئن ممڪن آهي جو ڪنهن ضلعي ۾ آبادي وڌڻ بجاءِ گهٽجي وڃي. ان کانپوءِ چيف سينسس ڪمشنر هڪ ٽي وي چينل تي جيڪي انگ اکر ٻڌايا، ان حساب سان هڪ ڏينهن اندر ڪراچيءَ ۾ 3 لک نوان ماڻهو ڳڻيل ٻڌايا ويا. ڪراچي جي آبادي ۾ هٿرادو واڌ جو هڪ ٻيو ثبوت ڊيٽا جي ڇنڊڇاڻ مان ملي ٿو.

15هين اپريل جي ڊيٽا موجب ڪراچي ڊويزن ۾ ڳڻيل 14 هزار 893 بلاڪن جي ڳڻيل/ڪٿيل آبادي هڪ ڪروڙ، 57 لک، 22 هزار، 336 هئي. ان جي معنيٰ ٿي في بلاڪ سراسري آبادي 1132 ماڻهو. انهن ٻنهي تاريخن وچ ۾ جن 613 واڌو بلاڪن کي ڳڻيو ويو، انهن جي آبادي 18 لک، 41 هزار، 795 نڪتي، معنيٰ سراسري في بلاڪ آبادي 3004 ٿي وئي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته انهن ٻن هفتن ۾ ڳڻيل واڌو بلاڪن جي آبادي جي سراسري ذري گهٽ ٽيڻي ٿي وئي.

انگ اکر صاف ٻڌايئن پيا ته سياسي بنيادن تي سنڌ جي ڊيموگرافي سان هٿ چراند ٿي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير رڪارڊ خاطر وفاقي حڪومت کي خط لکي پنهنجو ڳڻتي جو اظهار ڪندو رهيو آهي پر هاڻي ڳالهه خطن کان به چڙهي وئي آهي. ٻه ڏينهن اڳ به وڏي وزير، وفاقي وزير احسن اقبال کي خط لکي ڪراچي جيان باقي سنڌ ۾ به رهيل علائقن جي ڳڻپ جو چيو آهي. جنهن رفتار سان ڪراچي جي آبادي ۾ هٿرادو واڌ ڪئي پئي وڃي، ان حساب سان سنڌ اسيمبلي جون سيٽون ايتريون تبديل ٿي وينديون جو ڪنهن سنڌي ڳالهائيندڙ جو وڏو وزير ٿيڻ به ممڪن نه رهندو. پيپلز پارٽي خاموشي سان ان ڏوهه جو حصو بڻجي رهي آهي.