اسلام آباد(بيورو رپورٽ) انفارميشن ٽيڪنالاجي وزارت لکت واري جواب ۾ ٻڌايو آهي ته پي ٽي اي فرقه واريت نفرت انگيز تقريرن بابت 59 هزار 253 يو آر ايل(لنڪس) کي بلاڪ ڪرڻ جو پروسيس شروع ڪيو، 47 هزار 674 يو آر ايل کي بلاڪ ڪيو ويو، 9 هزار 626 يو آر ايلز اڃا به قابل رسائي آهن، سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي وزارت لکت واري جواب ۾ ٻڌايو آهي ته پي ٽي اي فرقي واريت/ نفرت انگيز تقريرن بابت 59 هزار 253 يو آر ايل کي بلاڪ ڪرڻ جو پروسيس شروع ڪيو، 47 هزار 674 يو آر ايل کي بلاڪ ڪيو ويو، 9 هزار 626 يو آر ايلز اڃا به قابل رسائي آهن، هڪ هزار 953 کي رد ڪيو، فيس بوڪ جي 35 هزار 376 يو آر ايلز کي بلاڪ ڪيو ويو، ٽوئيٽر جي 5 هزار، يوٽيوب جي 5890 يو آر ايلز ۽ ٽڪ ٽاڪ جي 183 يو آر ايلز کي بلاڪ ڪيو آهي، مملڪتي وزير شهادت اعواڻ چيو ته گهڻو ڪري سوشل ميڊيا پاڪستان ۾ رجسٽرڊ نه آهي، انهن جي خلاف ڪيئن ايڪشن کڻي سگهجي ٿو، فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ناهن، پرڏيهي سوشل ميڊيا کي رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ قانون سازي ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم ڪاميٽي جوڙي آهي ته قانونسازي ڪري سگهجي ٿي ته پاڪستان ايڪشن کڻي سگهي، چيئرمين سينيٽ مامرو ڪاميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو،