ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءَ  ايم پي اي فردوس شميم نقوي سميت 14 ڪارڪنن کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ڪراچي ۾ ڀڃ ڊاھه  ۽ سرڪاري عمارتن کي باھيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ ٽيپو سلطان پوليس ايم پي اي فردوس شميم نقوي ۽ ٻين جوابدارن کي پيش ڪيو، عدالت فردوس شميم نقوي سميت 14 جوابدارن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي جاچ آفيسر ۽ پراسيڪيوشن کان 19 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو، هوڏانهن اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي امڪاني گرفتاري خلاف سندس پٽ حسن عادل گهرو ۽ قانون وارن سيڪريٽرين، آءِ جي سنڌ کي ڌر بڻائي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي