ڪراچي: پي ٽي آءِ  ايم پي اي فردوس شميم نقوي يوسي سولجر بازار جي وارڊ 4 ۾ چونڊ عمل ۾ رڪاوٽ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي. فردوس شميم نقوي 3 کان 4 بيلٽ باڪسز جون سيلون  ٽوڙي اهو موقف اختيار ڪيو ته بيلٽ باڪسز جون سيلز ڪمزور هيون، ان ڪري کوليون آهن، اهي سيلون آساني سان کلي وينديون آهن. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ جو نوٽيس وٺي کيس ضلعي بدر ڪرڻ جو  حڪم ڏنو ، اليڪشن ڪميشن چيو ته فردوس شميم نقوي ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي