فردوس شميم نقوي ڪراچي ۾ پولنگ اسٽيشنز تي بيلٽ باڪس جون سيلون ٽوڙي ڇڏيون

0
220

ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي ڪراچي ۾ مختلف پولنگ اسٽيشنز تي پڪڙ پلاس کڻي بيلٽ باڪس جون سيلون ٽوڙيندي ۽ ٻيهر لڳائيندي نظر آيو، وڊيوز وائرل ٿي ويون

فردوس شميم جو چوڻ آهي ته بيلٽ باڪسز جون سيلون درست نه لڳل هيون، پولنگ عملي جي مدد ۽ عوامي خدمت لاءِ پلاس کڻي نڪتو آهيان، فردوس شميم جي پلاس کڻي پولنگ اسٽيشنز تي پهچڻ خلاف سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جاري آهي

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد ۽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ پاران ڪراچي جي مختلف پولنگ اسٽيشنز جو دورو، اليڪشن ڪميشن جي ٻنهي عملدارن چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، اي آءِ جي جاويد عالم اوڍو ۽ ٻين سان گڏ پولنگ جي عمل جو جائزو ورتو

عمر حميد چيو ته ڪراچي جا شهري بنا خوف جي گهرن مان نڪري ووٽ جو حق استعمال ڪن، پولنگ شام 5 وڳي تائين بنا ساهيءَ جي جاري رهندي

ٻئي پاسيڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص پاران مڪاني چونڊن دوران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪيوويو

ميجر جنرل اظهر وقاص سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو، ڊي جي رينجرز ڊي آءِ جي آفيس ۾ اليڪشن جي مانيٽرنگ لاءِ قائم ڪيل ڪنٽرول روم جو دورو به ڪيو، ڊي آءِ جي عرفان بلوچ کيس پوليس جي سيڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ ڏني

ڪراچي ۾  مڪاني چونڊن دوران صوبائي وزير سعيد غني چنيسر ڳوٺ واري پولنگ اسٽِيشن تي ووٽ ڪاسٽ ڪيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ سهراب ڳوٺ جي پولنگ تي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو

 جماعت اسلامي جي حافظ نعيم نارٿ ناظم آباد جي پولنگ اسٽيشن تي پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪيو ۽ مختلف ڪئمپس جو دورو ڪيو، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي پوزيشن مضبوط آهي

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران ڪجهه ووٽرز جو عزم ۽ همت ڏسڻ وٽان آهي، ڪراچي جي چنيسر ڳوٺ واري پولنگ اسٽيشن تي 80 سالن جي جهوني عورت به ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پهتي

تلهار ۾ هڪ معذور شخص ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ وهيل چيئر تي پهتو، بدين ۾ به 2 جهونا شخص ووٽ ڏيڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن پهتا، تلهار جي ٽائون ڪميٽي وارڊ 11 ۾ ليڊيز پولنگ اسٽيشن تي پيهه سبب هڪ عورت ووٽر بيهوش ٿي وئي، عورت کي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي

هي به پڙهندا

مڪاني چونڊون: ڪراچي ۽ حيدرآباد سوڌو ٻين ضلعن ۾ پولنگ جاري

مڪاني چونڊن دوران مختلف پولنگ اسٽيشنز تي ڏند چڪ ۽ جهيڙن جا واقعا