فردوس جمال جي بيان تي وسيم عباس ماھرا خان جي حمايت ڪري ڇڏي

0
455

ڪراچي (شوبز نيوز) فردوس جمال جي بيان تي وسيم عباس ماھرا خان جي حمايت ڪري ڇڏي، ماھرا خان ۽ فردوس جمال جي معاملي تي ڳالهائيندي سينئر اداڪار وسيم عباس چيو ته فردوس جمال کي ماھرا بابت اهڙا لفظ استعمال نه ڪرڻ گهرجن ها،
ڪجهه سال اڳ پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ هڪ تڪرار تڏهن پيدا ٿيو جڏهن سينيئر اداڪار فردوس جمال هڪ نجي ٽي وي چينل جي هڪ ٽاک شو ۾ بطور هيروئن ڪاسٽ ڪرڻ تي حيرانگي جو اظهار ڪيو. هاڻي هڪ ويب شو کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وسيم عباس ان بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مان ماھرا کي هڪ تمام وڏو اسٽار سمجهان ٿو، هوءَ پاڪستان جي ٽاپ اداڪاره آهي جنهن ٻاهرين پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي. وسيم عباس ماھرا کي پاڪستان جو چھرو قرار ڏيندي چيو آھي تھ ماھرا ڪنھن 18 يا 19 ورھين جي نئين اداڪارا ۽ ماڊل کان تمام گھڻي خوبصورت آھي.