پئرس (م ڊ) فرانس ۾ مسلسل ستين هفتي به لکين ماڻهن ڪورونا پابندين خلاف احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙ طبي عملي لاءِ لازمي ويڪسينيشن جي مخالفت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اهي ٿري جي چورائيندڙ قاعدن جي به مخالفت پيا ڪن، جن موجب ريسٽورنٽس، شاپنگ سينٽرز، طبي مرڪزن يا پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ داخلا لاءِ ويڪسينيشن يا ڪورونا مان صحتياب هجڻ يا وري ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري پيش ڪرڻ جو شرط رکيو ويو آهي. فرانس جي گهرو وزارت موجب انهن احتجاجي مظاهرن ۾ تقريبن هڪ لک 60 هزار ماڻهو شريڪ ٿيا. واضح رهي ته فرانس ۾ اهڙين ڪورونا پابندين خلاف عوام گهڻي وقت کان سراپا احتجاج آهي.































