پيرس(انٽرسٽنگ نيوز) فرانس ۾ ٽرينن کي پنهنجي منزل تي پهچڻ ۾ ڪڏهن دير نه ٿيندي آهي پر جيڪڏهن سفر دوران ٻار جي پيدائش ٿي وڃي ته ڇا ٿيندو؟ ايئن ٿيڻ تي مسافرن کي پنهنجي منزل تي پهچڻ ۾ دير ٿي ويندي آهي. اهڙو واقعو ويجهڙ ۾ پيش آيو آهي جڏهن پيرس کان Strasbourg ويندڙ تيز رفتار ٽرين جي سفر دوران ٻار جي پيدائش ٿي. ريلوي اختيارين موجب حاملا عورت کي سفر جي شروع ۾ تڪليف محسوس ٿيڻ شروع ٿي هئي. ان عورت عملي کي آگاهه ڪيو جنهن کانپوءِ ٽرين کي هڪ اسٽيشن تي روڪيو ويو. ان اسٽيشن تي طبي عملي عورت جو جائزو ورتو ۽ ٻار جي پيدائش ۾ مدد فراهم ڪئي. ان موقعي تي ٻين مسافرن کي تحمل سان انتظار ڪرڻ جو چيو ويو ۽ 80 منٽن کانپوءِ نينگر جي پيدائش ٿي. اختيارين موجب ٻار جي پيدائي طئي ٿيل وقت کان ڪجهه پهريان ٿي وئي جنهن سبب ماءُ ۽ ٻار کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هنن جي حالت بهتر آهي.