پيرس (م ڊ) فرانس جي صدر  ميڪرون تي هڪ ڀيرو وري آنن سان حملو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ فرانس جو صدر هڪ تقريب ۾ ماڻهن سان گڏ بيٺل هو ته هڪ شخص مٿس بيضو اڇلايو، جيڪو کيس لڳو. ياد رهي ته ان کان اڳ به فرانس جي صدر ميڪرون تي آنن سان حملا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هڪ ڀيرو کيس ٿڦڙ به هنيو ويو هو.