پئرس (م ڊ ) فرانس روس سان ويڙهه لاءِ يوڪرين کي وڌيڪ ٽئنڪ ۽ ٻيو سامان ڏيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب، يوڪرائن جي صدر والاديمير زيلنسڪي آچر جي ڏينهن فرانسيسي صدر ميڪرون سان  پئرس ۾ ملاقات ڪئي آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران فرانس واعدو ڪيو ته هو يوڪرائن کي روس خلاف ويڙهه لاءِ وڌيڪ ٽئنڪون، هٿياربند گاڏيون ۽ اتان جي فوجين جي تربيت ڪندو. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات بعد جاري ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ فرانس، يوڪرائن جي بٽالينز کي ٽريننگ ۽ ايم ايم ايڪس 10 آر سي ٽئنڪن سميت هٿيار بند گاڏيون ڏيندو. بيان وڌيڪ چيو ويو آهي ته پئرس، يوڪرائن سان دفاعي سهڪار وڌائڻ وارن معاملن تي ڌيان ڏيندو، انکان سواءِ فرانس، روس تي وڌيڪ پابنديون مڙهڻ جو اشارو به ڏنو آهي. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته يوڪرائن ۽ فرانس ان ڳالهه تي متفق آهن ته ٻنهي ملڪن روس جي غيرقانوني جنگ خلاف ان تي وڌيڪ دٻاءُ  وڌائيندا.