لاهور(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل جي ٽيم لاهور قلندرز جي ٽاپ آرڊر بيٽر عبدالله شفيق چيو آهي ته فخر زمان هن وقت بالرن جي لائن لينٿ تباهه ڪندڙ بيٽرز مان آهي. ٽيسٽ ڪرڪيٽر عبدالله شفيق چيو ته پي ايس ايل جي پهرين 3 ميچز لاءِ مان ڪمبينيشن ۾ سيٽ نه ٿي سگهيو هيس، مان ان وقت مينجمينٽ جي فيصلي کي قبول ڪيو ۽ پريڪٽس جاري رکي، جڏهن مونکي موقعو مليو ته مان پرفارم ڪيو  ۽ اميد آهي تسلسل کي برقرار رکندس. عبدالله شفيق فخر زمان جي صلاحيتن بابت ڳالهائيندي چيو ته فخر زمان هن وقت بالرن جي لائن لينٿ تباهه ڪندڙ بيٽرز مان آهي، هن وٽان گهڻو ڪجهه سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، هن جي پاور هٽنگ جي اسٽرينٿ کي سکي رهيو آهيان اهو مومينٽم کي وٺي هلندو آهي، ان جي ڪري لاهور قلندرز جي بيٽنگ مضبوط آهي، ايترو ئي نه بابراعظم کان به گهڻو ڪجهه سکي رهيو آهيان. هن چيو ته پشاور خلاف ميچ کان اڳ انضمام الحق جهڙي رانديگر کان به ٽپس ورتيون.