فحش فلمون: راج ڪندرا ضمانت لاءِ عدالت پهچي ويو

0
236

ممبئي (شوبز نيوز) انڊيا جي مشهور اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا فحش فلمون ٺاهڻ واري ڪيس ۾ضمانت  حاصل ڪرڻ جي لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو. راج ڪندرا ممبئي جي مقامي عدالت ۾ ضمانت جي لاءِ درخواست جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته جيڪي منهنجي خلاف ڪيس ۾ چارج شيٽ پيش ڪئي وئي آهي ان ۾ ڪو به واضح ثبوت ناهي. هن چيو ته فحش فلمن واري جاچ تقريبن مڪمل ٿي چڪي آهي هن وقت تائين منهنجي خلاف ڪو به ثبوت هٿ ناهي آيو، بي گناهه مون کي ڄاڻي واڻي ڦاسايو پيو وڃي. ياد رهي ته اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا کي ممبئي جي ڪرائيم برانچ شڪ جي بنياد تي فحش فلمون ٺاهڻ واري ڪيس ۾ 19 جولاءِ تي گرفتار ڪيو هو. ڪرائيم برانچ جي ٽيم راج ڪندرا جي گهر ۽ آفيس تي ڇاپو هڻي ڪاررواين دوران ڪيتريون ئي غير اخلاقي فلمون ۽ ويب سرور پڻ هٿ ڪيون هيون. راج ڪندرا هن وقت عدالتي ريمانڊ تي جيل ۾ آهي، ممبئي ڪرائيم برانچ تازو ئي راج ڪندرا سميت 4 جوابدارن خلاف چارج شيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي جوابدار فحش فلمون ٺاهي انهن کي موبائل ايپ ذريعي نشر ڪندو هو. واضح رهي ته جاچ ڪندڙ ايجنسي جو چوڻ آهي ته موبائل ايپ”Hotshots“ کي راج ڪندرا ذاتي طور تي هلائيندو هو ان تي غير اخلاقي ويڊيو به اپلوڊ ٿيون هيون.