قاهرا (شوبز نيوز) مصر ۾ ٽڪ ٽاڪ ايپ ذريعي فحاشي پکيڙڻ، انساني سمگلنگ ۽ ڇوڪرين جي استحصال جهڙن الزامن تحت هڪ ٽڪ ٽاڪر کي 10 سال قيد ۽ 13 هزار ڊالرن جي سزا ٻڌائي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب حنين حسام نالي ٽڪ ٽاڪر ۽ ان جي ساٿين تي الزام هو ته اهي معاشرتي قدرن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، اهي سڌي نشريات جي لالچ ڏئي ڇوڪرين جي استحصال ۾ ملوث آهن.فريادين اهو به الزام هنيو ته جوابدارن ٽڪ ٽاڪ انتظاميا کان پئسا وٺي اهڙيون ويڊيوز شايع ڪيون، جن سان بي حيائي ۽ غير اخلاقي حرڪتن کي هٿي ملي، انهن هڪ اهڙي واٽس ايپ گروپ جي ميمبرن کي وڌائڻ جي ڪوشش به ڪئي، جنهن سان ڇوڪرين جو استحصال ٿي رهيو هو.عدالت فحاشي پکيڙڻ، انساني سمگلنگ ۽ ڇوڪرين جي استحصال جي الزام ۾ حنين حسام کي 10 سال قيد ۽ 13 هزار آمريڪي ڊالرن جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ان جي ٽن ساٿين کي 6-6 سال ۽ مجموعي طور 13 هزار آمريڪي ڊالرن جي سزا ٻڌائي وئي.