وهاڙي (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ نواز جي چيف آرگنائزر مريم نواز چيو آهي ته پاڪستانين کي مبارڪون هجن، فتني مان جان ڇٽي وئي آهي. وهاڙي ۾ يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اڄوڪو ڪنوينشن شهيدن ۽ انهن جي ٻچن جي نانءُ ڪيان ٿي. هن چيو ته 9 مئي واقعن کان پوءِ منهنجي دل سڙيل آهي. دل رت جا ڳوڙها روئي پئي.  ملڪ جاوالي وارث نوجوان آهن انهن کي ئي فيصلا ڪرڻا آهن. ڪيڏو نڀاڳو ماڻهو هوندو جنهن پنهنجي سياست لاءِ شهدين جي يادگار کي باهه ڏئي ساڙايو. 9 مئي واقعا اوچتو ڪيئن ٿي ويا، اهو سڀ سوچيل سمجهيل منصوبو هو.  هن چيو ته جيڪو دهشتگرد نه ڪري سگهيا اهو عمران خان ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته 9 مئي واقعن جو ماسٽر مائينڊعمران خان آهي ، هڪ هڪ ٽارگيٽ سيٽ ٿيل هو. ڪيڏو وڏو غدار آهي جنهن شهيدن جي يادگار کي باهيون ڏنيون. منهنجي ڄاڻ موجب اهو سڄو عمل فوج خلاف بغاوت آهي، ان جو اڳواڻ عمران خان آهي. هن سمجهيو هو ته فوج تي حملو ڪندس ته بازي پلٽجي ويندي. هي ته ڌمڪيون ڏيندو هو ته نواز شريف جي ڪمري جو اي سي بند ڪرائي ڇڏيندس. عمران خان کي شرم اچڻ گھرجي، ٻڏي مري. پنهنجي خطاب ۾ مريم نواز چيو ته حملن ۾ عمران خان اڪيلو نه ان جا سهولتڪار به شامل آهن. هن چيو ته اسان به جنرل باجوه ۽ فيض حميد تي تنقد ڪئي پر حملا نه ڪيا. هن چيو ته پنهنجي زال کي عمران خان پردي ۾ ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ پراين زالن کي مصيبتن جي سامهون ڇڏي ڏئي ٿو. مريم نواز وڌيڪ چيو ته اڄ دهشتگردي جي عدالتن ۾ غريب جا ٻچا ڀوڳي رهيا آهن. اڄ غريبن جا ٻچا جيل ۾ ۽ هن جا پنهنجا ٻچا لنڊن جي نائٽ ڪلبن ۾ آهن. هن چيو ته پاڪستانين کي مبارڪ هجي جو هن فتني مان جند ڇٽي رهي آهي. هي ٻيڙي جتان نڪتي هئي اتي ئي ٻڌي رهي آهي. گيم اوور ٿي وئي.  هن چيو ته آڊيو ٽيپس آيون ته چيو ويو اها آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، ڇا ملڪ خلاف سازش ۽ دهشتگرد جو ساٿ ڏيڻ آئين خلاف نه آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته سَسُ جي ڪيس تي ناٺي ٻڌڻي ڪري.