لاهور (م ڊ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز عمران خان جي مهانگائي خلاف ملڪ گير احتجاج کي منافقت قرار  ڏئي ڇڏيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته فتني خان جو مهانگائي خلاف احتجاج حقيقت ۾ پنهنجي پاڻ خلاف ئي احتجاج آهي، اڄ ملڪ جن جبل جيڏن مسئلن جو شڪار آهي ان جو ذميوار عمران خان آهي. ن ليگ جي نائب صدر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته جيڪو(عمران خان) چوندو هو ته هو پٽاٽن ۽ بصرن جا اگهه ڄاڻڻ ناهي آيو، هاڻي ان کي سڀ ياد اچي ويو، ان کان وڏي ڪا ٻي منافقت نٿي ٿي  سگهي.