لاڙڪاڻو (رپورٽ: نويد لاڙڪ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطما ڀُٽو شادي کانپوءِ پنهنجي آمريڪي ور سان گڏ لاڙڪاڻي پهچي وئي، فاطما ڀُٽو پنهنجي مڙس گرهام عرف جبران ۽ ڀاءُ جونيئر ذوالفقار ڀٽو سان گڏ ڪالھه ڪراچي کان سکر ايئرپورٽ پهتي، جتي پ پ شهيد ڀٽو جي مخصوص اڳواڻن ۽ ملازمن نئين جوڙي جو آڌر ڀاءُ ڪري شادي جون مبارڪون ڏنيون ۽ کين گلدستا، اجرڪ ۽ ٻيا تحفا پيش ڪيا، بعد ۾ فاطما ڀُٽو، گرهام عرف جبران ۽ جونيئر ذوالفقار سکر کان روڊ رستي المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو پهتا، جتي هو رات ترسندا ۽ اڄ فاطما پنهنجي ور سان گڏ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيد والد مير مرتضيٰ ڀٽو، ڏاڏي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀريندي، جڏهن ته جوڙو ڀٽو اسٽيٽ جون زمينون ۽ ٻيون ملڪيتون به گهمندو، جتي ملازمن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.