ڪڙيوگهنور (رپورٽ: عبدالرسول سمون) هاري تحريڪ جي اڳواڻ شهيد فاضل راهو جي 36 هين ورسي عقيدت، احترام ۽ سادگي سان ملهائي وئي،  مزار تي شھيد جي فرزندن سان گڏ سوين  ساٿين پهچي قرآن خواني بعد شھيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، جڏهن ته ڪڙيوگهنور ڀرسان راهوڪي ۾ شھيد محمد فاضل راهو جي 36 ورسي جي موقعي تي تقريب ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير محمداسماعيل راهو چيو ته شھيد فاضل راهو سدائين هارين مظلومن جي حقن جي جنگ وڙھي، هن هارين پورهيت شاگردن جي تنظيمن ۾ پنهنجي زندگي جو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو،  ايم آر ڊي تحريڪ سميت ڪيترن ئي تحريڪن ۾ شھيد فاضل جو ڪردار قابل تقريف آھي، فاضل راهو انقلاب، سچ، جدوجهد ۽ حقيقت جو نالو آھي،  شھيد فاضل جي ننڍي فرزند محمد اسلم راهو خطاب ڪندي چيو ته 36 سال گذارڻ جي باوجود شھيد فاضل مظلومن جي دلين مان نڪري ناهي سگهيو، فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجو سنڌ جي شعور جي هڪ انقلابي يورنيورسٽي هئا، فاضل هڪ مالهي هو ۽ پيرن اگهاڙن جو ڀرجهلو هو ، سنڌ کي سمجهڻ لاءِ فاضل کي پڙھڻو پوندو، جڏھن ته شھيد جي جهونن ساٿين ۾ ڪامريڊ جمعون نوحاڻي , ڊاڪٽر علي گل ميتلو, حسين بخش ناريجو , دوست محمد ڪولاچي , سليمان ڏاهري , ڊاڪٽر خليل قاضي،  ڊاڪٽر دودو مهيري،  حاجي محمد سمون، جوئنير فاضل راهو ،عبدالغفور ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته  نالي واري راڳي فنڪار طعبيت جي سخت ناسازي سبب پاڻ  ايمبولنس ۾ کڻائي شھيد فاضل جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد سوين ماڻھن جي ميڙاڪي ۾ ايمبولنس ۾ ويهي قومي انقلابي گيتن  فاضل کي ڀيٽا پيش ڪئي.