ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نوجوان گلوڪاره فائزه علي شادي کانپوءِ به گلوڪاري جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ هن چيو آهي ته سندس مداح اهو نه سمجهن ته هاڻي هوءِ هڪ ڪمشنر جي زال آهي، انهي ڪري ڳائڻ بند ڪري ڇڏيندي ، هو پنهنجي مڙس جي اجازت سان ڳائڻ جو سلسلو جاري رکندي، هن وڊيو ۾ پنهنجي مڙس عبدالحميد ابڙو جا ٿورا مڃيندي چيو ته کيس مڙس ڳائڻ جي اجازت ڏني آهي، انهي ڪري هو پنهنجن مداحن وچ ۾ رهي ڪري ڳائڪي جاري رکندي.