اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وڪيل بابر اعواڻ چيو آهي ته غير ملڪي ايجنسي عدالت ۾ حاضري دوران عمران خان کي قتل ڪرڻ چاهي ٿي، اسان وٽ تازي معلومات ۽ ٺوس ثبوت آهن ته عمران خان کي مارڻ جي ٻيهر ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پريس ڪانفرنس بعد دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ به دليل ڏيندي هن چيو ته منهنجي پريس ڪانفرنس تي ڪجهه ماڻهن ٺٺوليون ڪيون، عمران خان پاڻ به ٻه ڀيرا چيو ته منهنجي مٿان حملو ٿيندو، وزير آباد ۾ عمران خان تي حملو ٿيو ته حڪومت هڪ ئي وقت ٻه موقف اختيار ڪيا، هڪ اهو ته عمران خان تي حملو ٿيو ئي نه آهي، ٻيو اهو ته عمران خان تي هڪ مذهبي جنوني حملو ڪيو، هن چيو ته عمران خان تي هڪ ٻيو حملو ڪرڻ جي تياري ٿي رهي آهي، عمران خان کي سيڪيورٽي جي حوالي سان اڪيلو ڪيو ويو آهي، جڊيشل ڪامپليڪس جي اندر سيڪيورٽي جي اهلڪارن کي ڪنهن هٽايو، اطلاع آهن ته عمران خان جو گهيرو ڪري کيس عدالت گهرائي قتل ڪيو ويندو، عمران خان تي حملو ڪندڙ کي وڊيو لنڪ تي پيشي جي اجازت ملي سگهي ٿي ته عمران خان کي اهڙي اجازت ڇو نه ٿي ملي سگهي؟ شهباز شريف ۽ حڪومت لکي ڏين ته عمران خان کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار اهي هوندا.