غير قانوني فنڊنگ: ايف آءِ اي عمران خان جو موقف رد ڪري ڇڏيو

0
300
غير قانوني فنڊنگ: ايف آءِ اي
غير قانوني فنڊنگ: ايف آءِ اي

پي ٽي آءِ جي غير قانوني فنڊنگ ڪيس جي جاچ جي مامري تي ايف آءِ اي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو موقف رد ڪري ڇڏيو

ذريعن موجب ايف آءِ اي غير قانوني فنڊنگ ڪيس جي حوالي سان عمران جي موقف کي رد ڪندي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ عمران خان کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪيا آهن

ھي به پڙھندا

شهباز گل عدالت ۾ پيشي دوران لڙڪ لاڙي ويٺو

ايف آءِ اي ذريعن ٻڌايو ته 3 ڀيرا نوٽيس جاري ڪرڻ کانپوءِ عمران خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويندا

ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 5 ڪمپنين جو پتو پڻ لڳايو ويو آهي

ياد رهي ته غير قانوني فنڊنگ مامري جي جاچ لاءِ ايف آءِ تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي پارٽي فنڊز جو رڪارڊ ۽ تفصيل طلب ڪيا هئا، پر عمران خان ايف آءِ کي جواب ۾ چيو هو ته مان اوهان کي جوابده ناهيان

ھي به پڙھندا

نيوٽرلز کي چوان ٿو ته اڃا به وقت آهي، پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪريو: عمران خان