غير اخلاقي نالن سان سَڏي مون کان جمهوري حق نٿو کسي سگهجي: مهوش حيات

0
516
عمران خان کي وقت

ڪراچي (شوبز نيوز) تمغه امتياز حاصل ڪندڙ اداڪارا مهوش حيات حڪومت بابت پنهنجي بيان جي وضاحت پيش ڪندي انٽرنيٽ واهپيدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.ٽوئيٽر تي جاري پيغام ۾ مهوش حيات چيو ته مان حڪومت خلاف ڪجهه نه چيو هو، اسان هڪ جمهوري ملڪ ۾ رهندا آهيون ۽ هتي مون سميت هر شهري کي اهو حق حاصل آهي ته اهو حڪومت جي هر فرد جو احتساب ڪري.هن چيو ته منهنجي خلاف غلط ٻولي استعمال ڪري يا غير اخلاقي نالن سان سڏي توهان مون کي جمهوري حق استعمال ڪرڻ کان نٿا روڪي سگهو، اهو سڀ توهان جي خراب ذهينن جي عڪاسي ڪري ٿو.واضح رهي ته مهوش حيات ملڪ ۾ عورتن جي ٿيندڙ ظلمن بابت پنهنجي ٽوئيٽ ۾ حڪومت کان سوال ڪيو هو ته ٻڌايو توهان تبديلي آڻڻ لاءِ ڇا ڪري رهيا آهيو؟ هاڻ نعرن جو وقت ختم ٿي ويو آهي.اداڪارا جي اهڙي بيان تي ڪجهه واهپيدارن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو هو.