اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي فاٽا سان تعلق رکندڙ ميمبر محسن داوڙ پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي پناهگيرن کي پاڪستاني شهرين جهڙيون سهولتون ۽ حق ڏيڻ جو بل پيش ڪري ڇڏيو، بل وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪاميٽي حوالي، محسن داوڙ پاران ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي پناهگيرن کي پاڪستاني شهرين جهڙيون سهولتون ڏيڻ لاءِ بل پيش ڪرڻ جي اجازت گهري ته وفاقي حڪومت پاران ان جي مخالفت نه ڪئي وئي، جنهن ڪري ان بل کي وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪاميٽي کي اماڻيو ويو ، پيش ڪيل بل 25 صفحن تي ٻڌل ۽ 50 سيڪشنن تي مشتمل آهي، بل ۾ چيو ويو آهي ته هن بل کي قومي رفيوجي قانون 2023ع جي نالي سان سڏيو ويندو، پاڪستان ۾ رهندڙ ڪنهن به مهاجر کي مهاجر جي حيثيت ۾ پاڪستان جي ڌرتي تان ڪنهن به طريقي سان زبردستي ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ واپس يا بي دخل نه ڪيو ويندو جتي ان جي جان، آزادي، نسل، مذهب، قوميت، سياسي راءِ کي خطرو لاحق هجي يا مهاجرن کي اهڙي ملڪ جتي عمومي تشدد، غير ملڪي جارحيت، اندروني تڪرار، انساني حقن جي وڏي پيماني تي ڀڃڪڙين يا امن امان جي حوالي سان سنگين خطرا هجن،  مهاجرن کي اهڙي ملڪ ۾ به واپس نه موڪلي سگهبو جتي کين موت جي سزا يا غير انساني ذلت آميز سلوڪ جو خطرو لاحق هجي، بل ۾ وڌيڪ تجويز ڏني وئي آهي ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي داخل ٿيل يا رهندڙ مهاجر جي حيثيت ۾ درخواست ڏيندڙ کي سزا نه ڏني ويندي، اگر هو دير سان مهاجر جي حيثيت ۾ درخواست جمع ڪرائي ۽ ان جي مناسب وضاحت پيش ڪري، مهاجر جو درجو حاصل ڪندڙ جي گهرواري يا 18 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار به مهاجر تصور ٿيندا، انهن جي نابالغ ڀينرن ۽ ڀائرن کي به مهاجر تصور ڪيو ويندو، مهاجرن جو هن بل جي منظوري کان پوءِ خصوصي خيال رکيو  ويندو، مهاجرن جي سهولت لاءِ سرحدي مامرن جي وزارت جي ماتحت مهاجرن بابت ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن مهاجرن بابت ڪميشن جي سربراهه طور هڪ ڪمشنر مقرر ٿيندو، گهرو، پرڏيهي، تعليم ، سماجي ڀلائي، انساني حقن، قانون بابت وفاقي وزارتن سوڌو صوبائي حڪومتون به مدد ڪنديون، پناهگير جي حيثيت ۾ درخواست ڏيندڙ لاءِ پاڪستان جي زمين رهڻ جي قابل بڻائي ويندي، کين گرفتاري کان بچائڻ لاءِ مفت دستاويز جاري ٿيندا، کين مفت قانوني معاونت جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي، حڪومت ڪنهن پناهگير جي ملڪيت خلاف قدم نه کڻندي، پاڪستاني شهرين وانگر حقن جي آزادي هوندي، پاڪستان ۾ پنهنجي رهائش لاءِ جڳهه جي چونڊ ڪرڻ جو حق حاصل هوندو، پاڪستان ۾ رهندڙ پناهگير ۽ غير ملڪي مهاجرن تي ڪنهن به قسم جي عام پاڪستانين کان اضافي ڪا ٽيڪس يا فيس لاڳو نه ڪئي ويندي.