ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر) غيرقانوني سوپارين جي ڪاروبار ۾ اڳوڻي صوبائي وزير سميت 13 شخصيتون ڀائيوار هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾  ٽنڊو محمد خان ۾ مين پوڙي ۽ گٽڪي جي ڪارخاني تي هنيل ڇاپي دوران ٽوپسي گولڊ سوئيٽ سوپاري جا پڻ هزارين پيڪيٽ پوليس برآمد ڪيا آهن جنهن تي مين پڙي ۽ گهٽڪي جي ڪارخاني جي مالڪ اڪبر لغاري جي گول دائري ۾ تصوير ڏني ويئي آهي ۽ دٻي جي پوئين پاسي کان صرف ڪراچي لکيل آهي نه رجسٽرڊ نمبر آهي ۽ مارچ 2022 تي تيار ڏيکاريل آهي ۽ ٻن سالن تائين سوپاري جي ايڪسپائري تاريخ ظاهر ڪئي ويئي آهي. مليل ڄاڻ موجب ٽنڊو محمد خان ضلعي سان تعلق رکندڙ لياري جو اڳوڻو صوبائي وزير ۽ ضلعي جون سياسي بااثر 13 کان مٿي شخصيتون ان سوپاري جي ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ قائم ڪارخاني ۾ پارٽنر طور شامل آهن اهي پڻ اطلاع آهن ته پوليس اڪبر لغاري جي ٽنڊو محمد خان جي 70 موري واري علائقي ۾ موجود زرعي زمين ۽ پيٽرول پمپ ۽ ڪراچي ۾ هلندڙ ٽوپي گولڊ سوئيٽ سوپاري جي ڪارخاني کي پڻ سيل ڪري ڇڏيو آهي ، ذريعن موجب پوليس ڇاپي دوران اڪبر لغاري جي گهر جي عورتن ۽ ڪجھ مردن کي حراست ۾ ورتو آهي پر اڃان تائين انهن جي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي ويئي صرف 4 ڄڻا ظاهر ڪيا ويا آهن جن کي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ ورتو ويو آهي. ٻئي پاسي  ٽنڊو محمد خان ۾ مين پڙي ۽ گٽڪي جي ڪارخاني تي اسپيشل ٽيم جي ڇاپي کانپوءِ هٽايل ايس ايس پي جي سيٽ ماڻڻ جا خواهش مند اڳوڻا ايس ايس پيز ڏسندا ئي رهجي ويا ، غلام نبي ڪيريو نئون ايس ايس پي مقرر ٿي يو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري  ڪيو ويو آهي. جڏهن ته  ڪارخاني جو مالڪ مک جوابدار اڪبر لغاري گرفتار ٿيڻ جا اطلاع هلي رهيا آهن. پر پوليس ڪجھ به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٽنڊو محمد خان ضلعي لاءِ مقرر ڪيل ايس ايس پي غلام نبي ڪيريو سڀاڻي چارج سنڀاليندو. اطلاع آهن ته ڪارخاني جي مک جوابدار اڪبر لغاري کي ڪراچي مان پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي پر پوليس سندس گرفتاري ظاهر نه ڪري رهي آهي.