اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته غيرفطري ۽ امپورٽڊ حڪومت کان حالتون نه پيون سنڀالجن، جمهوريت جو چهرو چٿڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ مينار پاڪستان تي سڀاڻڪي جلسي جي تيارين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال خاص طور حڪومت جي قيام ۽ ڍانچي جو به جائزو ورتو ويو. پي ٽي آءِ پڌرائي موجب غيريقيني صورتحال، امپورٽڊ حڪومت جي ملڪي معيشت تي تباهه ڪندڙ اثرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، ملڪ ۾ بنا دير عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. عمران خان چيو ته پاڪستان پنهنجي تاريخ جي اهم ترين دور ۽ هنڌ تي بيٺو آهي، قوم قيادت کان اڳيان نڪري بيٺي آهي، قوم هن وقت پرڏيهي سازش ۽ خودمختياري تي ڪيل حملي تي نظرون وجھي ويٺي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته قوم آزادي ۽ خودمختياري تي ذري برابر سوديبازي لاءِ تيار ناهي، جڏهن به ڪنهن ملڪ تي فيصلي ڪرڻ جو وقت ايندو آهي، قوم قيادت طرف ڏسندي آهي. عمران خان چيو ته عوام کي وڌيڪ دير تائين مستقبل ۾ فيصلي سان عوام کي محروم رکڻ ممڪن ناهي، اڻڌرين چونڊن سان عوام کي مستقبل جي فيصلي جو حق ڏيڻ سان پاڪستان اڳتي ويندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته انتظاميا رڪاوٽون پيدا ڪرڻ جي ڪوششن کان پاسو ڪري، عوام جي سمنڊ کي قيد ڪرڻ ممڪن ناهي، مينار پاڪستان جو سڀاڻي وارو اجتماع تاريخ رقم ڪندو. ٻئي طرف وڊيو پيغام ۾ هن لاهور  ۾ پاڪستان جي تاريخي جو سڀ کان وڏو جلسو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. هن چيو ته هي جلسو ان لاءِ ڪري رهيو آهيان ته 1940 ۾ انهي جاءِ تي قرارداد پاڪستان پاس ٿي هئي، ان وقت ڀارت جي مسلمانن فيصلو ڪيو هو ته هو آزاد ملڪ پاڪستان ۾ رهڻ چاهين ٿا. عمران خان وڌيڪ چيو ته آئون سڀاڻي پاڪستانين کي مينار پاڪستان پنهنجي حقيقي آزادي جي جنگ وڙهڻ لاءِ گھرائي رهيو آهيان ته اسان مٿان هڪ پرڏيهي سازش تحت پنهنجن غلامن ۽ پاڪستان جي ڪرپٽ ترين ماڻهن کي مسلط ڪيو ويو آهي. پيغام ۾ عمران خان هر طبقي جي ماڻهن کي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.