غيردانشمنداڻين پاليسين جو منطقي نتيجو…

0
393
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان ڪيترائي ڀيرا هنن صفحن ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪري چڪا آهيون ته ملڪ ۾ جيڪي به پاليسيون اختيار ڪرڻيون آهن، اهي سوچي سمجهي اختيار ڪيون وڃن. ان لاءِ معاشري جي سمورن طبقن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ عام ماڻهن کان ڪا شيءِ لڪائڻ بدران عوام کي به اعتماد ۾ وٺي انهن کي سمورن معاملن کان آگاهه ڪري پوءِ حڪمت عملي ٺاهي ان تي عمل ڪيو وڃي. پر اقتدار ۾ آيل ڌرين کي ڪڏهن به ان ڳالهه جي پرواهه ناهي رهي ته ماڻهن تي ڇا پيو وهي واپري ۽ عوام جي راءِ ڪنهن به پاليسي بابت ڪهڙي آهي! حڪمرانن کي رڳو اهي پاليسيون ٿاڦڻيون هونديون آهن جيڪي کين مٿان کان ملنديون آهن. ماڻهو حيران ٿيندا ته حڪمرانن کان به مٿاهين ڪا مخلوق آهي ڇا جيڪا کين به مجبور ڪري ٿي ته اهي سندسن پاليسين تي عمل ڪن. پر اها حقيقت آهي ته دنيا جي هر ملڪ خاص طور تي اسان جي ملڪ ۾ حڪومت اها ناهي هوندي جيڪا نظر ايندي آهي، پر اصل حڪومت انهن جي هوندي آهي جيڪي نظر ناهن ايندا ۽ اڪثر ڪري ته انهن جون ئي پاليسيون هلنديون آهن، ان ڪري اهو درست آهي ته حڪمرانن کي پاليسيون مٿان ملنديون آهن ۽ اهي انهن پاليسين تي رڳو عمل ڪرائيندڙ هوندا آهن.
ڪجهه ڏينهن کان اسان جي ملڪ ۾ اهو رواج شروع ڪيو ويو آهي ته حڪومت مخالف ماڻهن جو آواز دٻايو وڃي ۽ هڪ خاص اداري بابت جيڪو ڪجهه به ماڻهو چون ٿا اهو ميڊيا تي نه اچڻ گهرجي. اها اڻ اعلانيل سينسرشپ آهي جنهن تي ميڊيا به پوري طرح عمل ڪندي آهي. ان کي ئي چوندا آهن ته گند صاف نه ڪجي پر ان کي گلم يا غاليچي جي هيٺان لڪائبو وڃجي. هن ملڪ ۾ اڻ اعلانيل سينسرشپ جو سلسلو ڪو نئون ناهي پر ان تي عمل ته ڪافي ڏهاڪن کان ٿي رهيو آهي. ايوب دور ۾ سنڌ جو نالو کڻڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي. ضيا دور ۾ جمهوريت پسندن جون خبرون ميڊيا ۾ هلنديون ئي ڪونه هيون. صحافي اخبارن ۾ سينسر ٿيل خبرن جي جاءِ پهرين خالي ڇڏي ڏيندا هئا پوءِ وري ان جاءِ تي تصويرون لڳايون وينديون هيون، هڪ ڀيري ڪنهن اخبار ۾ سينسر ٿيل جاءِ تي اٺ جي تصوير به لڳائي وئي هئي. ان مان عوام سمجهي ويو ته اها خبر ڪير کائي ويو آهي. پر هاڻ ته ان جي ابتڙ رواج پيو آهي ته عوامي حڪومت تي تنقيد به نه ٿي ڪري سگهجي. هن دور ۾ پهريون ڀيرو ماڻهن جا نالا کڻي سينسرشپ لڳائي وئي آهي ته فلاڻي اڳواڻ جو بيان، موقف يا تقرير نشر ناهي ڪرڻي. ان جي لپيٽ ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، جي يو آٰءِ جو سربراهه مولانا فضل الرحمان، نواز ليگ جي اڳواڻ مريم نواز اچي چڪا آهن جڏهن ته ٻين اڳواڻن جي خطاب جا خاص خاص حصا به سينسر ڪيا ويا آهن. پهرين بلوچستان مان وڳوڙن جون خبرون هلائڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي، پر هاڻ ڪجهه مهينن کان حڪومت جي خلاف ٿيندڙ هر احتجاج کي ڪوريج نه ملڻ جو رواج پيو آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته هاڻ عام ميڊيا نه پر سوشل ميڊيا کي ماڻهن اظهار جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اتي هو اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪي عام ميڊيا تي هجن ته ميڊيائي ادارا پاڻ ئي سينسر ڪري ڇڏين. ڪالهه پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ سڄو ڏينهن وڳوڙ هليا پر انهن جون خبرون ميڊيا تي هلڻ نه ڏنيون ويون. جنهن ڪري ماڻهن سوشل ميڊيا تي اهو سڀ ڪجهه ۽ ان کان به وڌيڪ ٻڌائي ڇڏيو جيڪو عام ميڊيا ۾ لڪايو ويو آهي. ٻيو ته حڪومت جا ترجمان اچي ڳالهائيندا رهيا ته لاهور ۾ وڳوڙين ٿاڻي تي حملو ڪيو جنهن جو جواب ڏنو ويو. ان اڌوري معلومات ۽ ميڊيا تي پابندين ماڻهن کي وڌيڪ پريشان ڪيو. ان سڄي صورتحال کي پرڏيهي ميڊيا رپورٽ ڪندي رهي جنهن ڪري ملڪ کان ٻاهر رهندڙ ماڻهو ته پريشان ٿيا ئي ٿيا پر دنيا ۾ به ملڪ جو ڪو سٺو اميج ناهي ٺهيو. خاص طور تي ميڊيا تي سينسرشپ لڳائڻ سان ملڪ جي جمهوريت بدنام ٿي آهي. اسان جو خيال آهي ته حڪومت ميڊيا پابندين سان وڳوڙ گهٽايا ته نه آهن پر انهن کي وڌايو ئي آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻ ته صحافي به تشدد جو شڪار ٿي رهيا آهن، احتجاج ڪندڙ مٿن خبرون نه هلائڻ ۽ سرڪاري ادارا موقف وٺڻ تي ڏمريل آهن. سماج ۾ سوچ ۽ اظهار جي آزادي ڏيڻ سان ئي ذميواري جو به احساس ٿيندو. پر پابنديون ڪنهن به مسئلي جو حل ناهن هونديون ان ڪري اڻ اعلانيل پابنديون ختم ڪري پنهنجي پاليسين کي شفاف بڻايو وڃي. ۽ اهو به ياد رکڻ کپي ته ڪنهن به حڪومت کي ناڪام ڪرڻ لاءِ جوڙيل جٿا ڪڏهن توهان جي “پنهنجي” حڪومت لاءِ به خطرو بڻجي سگهن ٿا.