غوثپور /ڪرمپور (نمائند وٽان)  ڳوٺ واحد بخش بجاراڻي واسي ڏاچيون چاريندڙ ڌنار الله بخش ۽ هادي بخش لاشاري گهر پهچي ويا. ڏوهارين ڌنارن کي 5 ڏينهن اڳ هٿياربندن بي ايس فيڊر وٽان اغوا ڪري زنجيرن سان ٻڌي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي هئي. ڄاڻ ملي آهي ته مغوين جي وارثن ڪچي ۾ پاڪ ڪتاب گهمايو هو، راڄوڻي ڪوششن بعد مغوين کي ڏوهارين ڇڏيو. ٻئي طرف مغوين جي بازيابي جي غوثپور پوليس پاران دعويٰ ڪئي پئي وڃي.ايس ايس پي ڪشمور اغوا وارو واقعو شڪارپور ضلعي جي حد مان ڄاڻايو هو.ڪشمور پوليس ترجمان موجب مغوين کي ڌاڙيل ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته مقابلي ۾ کين بازياب ڪرايو.