غوثپور (ن پ ا ) غوثپور مين انڊس هاءِ وي تي لڪڙا هوٽل ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 35 ورهين جو محمد حسن نندواڻي قتل ٿي ويو،شهر کان ڳوٺ حضور بخش نندواڻي ويندڙ نوجوان محمد حسن نندواڻي هٿياربندن جي فائرنگ ۾  مارجي ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ  تي ڪهرام مچي ويو.پوليس موجب دوست علي نندواڻي ۽ پهوڙ نندواڻي جي ٻن ڌرين وچ ۾ چوري معاملي تان جهيڙو هلندڙ هو، جنهن تان هي واقعو پيش آيو آهي. واضع رهي ته ٻنهي ڌرين جا مجموعي طور تي هن وقت تائين ٻه ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.