غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجهو شيرڳڙهه لاڙو وٽان هٿياربندن پاران اغوا ڪيل عزيز گل پٺاڻ کي پوليس ڳوٺاڻن جي مدد سان مغوي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو پوليس ذريعن موجب عورتاڻي آواز تي هرکجي آيل مغوي جون رڙيون ٻڌڻ تي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پاران اطلاع ڪيو ويو جنهن بعد ڳوٺاڻن جي مدد سان ڏوهارين جو پيڇو ڪري ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ ڏوهارين سان مبينا مقابلي بعد مغوي کي اغوا کان بچائي ورتو ان موقعي تي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڏوهاري مغوي کي ڳڙهي تيغو ڀرسان ڇڏي فرار ٿي ويا پوليس مغوي کي ٿاڻي تي وٺي آئي، مغوي ٻڌايو ته هٿياربند مين انڊس هاءِ وي تان هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي وڃي رهيا هئا ته ڳوٺ ڀرسان ڪراس ڪرڻ تي  پاڻ ڇڏائڻ لاءِ رڙيون ڪيون ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن بعد پوليس ڏوهارين سان مقابلي ڪري اغوا کان بچائي ورتو. هوڏانهن غوثپور پوليس عورتاڻي آواز تي هرکجي آيل عاشق کي ڪچي طرف وڃڻ کان روڪي اغوا کان بچائي ورتو آهي پوليس موجب ڪچي جي ڏوهارين پاران قمبر شهداد ڪوٽ واسي نوجوان ثناءَالله چاڪراڻي کي عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا ڪرڻ جو پلان جوڙيو ويو هو جنهن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ناڪام بڻائي نوجوان کي ڪچي طرف وڃڻ کان روڪي اغوا کان بچائي ورتو آهي.