غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجهو ڳوٺ غلام قادر شيخ ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويل 4 ٻارڙن جي ماءُ  مسمات ممتاز شيخ جو قتل ڪيس ناري جي والد منير شيخ جي فرياد تي مڙس ۽ ڏيرن سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، پوليس پاران ڪارروائي ڪندي ايف آءِ آر ۾  ڄاڻايل 2 جوابدارن امداد ۽ سبحان الله شيخ کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ   ممتاز شيخ جو  گهر مان لاش مليو هو، عورت جي والد منير شيخ جي فرياد تي مڙس نظير شيخ انعام شيخ، امداد شيخ، سبحان الله  شيخ سميت 5 ڄڻن خلاف غوثپور ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو،فرياد ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مسمات ممتاز شيخ کي پنهنجي مڙس نظير شيخ ڀائرن سان گڏجي  گهٽا ڏيئي قتل ڪرڻ بعد جوبدار فرار  ٿي ويا، ٻي طرف  ايس ايچ غوثپور ممتاز خاصخيلي  ٻڌايو  ته  غوثپور ويجهو ڳوٺ غلام قادر شيخ ۾ ناري کي گهٽا ڏيئي قتل ڪندڙ جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪري جوابدار امداد  شيخ ۽ سبحان الله شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آهي جاچ ڪريون پيا. هوڏانهن  گرفتار ٿيل جوابدارن امداد ۽ سبحان الله شيخ   ٻڌايو  ته اسان جو ڪو به ڏوهه ناهي ۽ اسان عورت  کي قتل ناهي ڪيو، عورت  بيماري وگهي گهر اندر فوت ٿي آهي.