غوثپور( ن پ ا) غوثپور جي جامع مسجد پاڙي جي رهواسي ماستر حبيب الله سومرو پنهنجي ڀاءُ عبدالمجيد سومرو سميت ٽن عزيزن جي قبرون کي باهه ڏني،شهرين قبرن کي لڳايل باهه وسائي.قبرن کي باهه لڳائيندڙ شخص شهرين سان باهه وسامڻ تي منهن ماري ڪئي.جنوني شخص شهرين کي چيو پلاند خاطر پنهنجي ڀاءُ ۽ ٻين عزيزن جي قبرن کي باهه ڏني آهي.اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ ۽ ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي ڪشمور جي نوٽيس بعد غوثپور پوليس قبرن کي باهه لڳائيندڙ جنوني شخص کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ هو ته همراهه ذهني توازن ٺيڪ ناهي ان ڪري اهڙي حرڪت ڪئي، حزبڻ فقير ٻڌايو ته ڀاءُ جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي تنهن ڪري هن اهڙي حرڪت ڪئي آهي.هوڏانهن عبدالمجيد جي پٽ عبدالوحيد سومرو جي فرياد تي غوثپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادي ڄاڻايو ته چاچا حبيب الله سومرو ملڪيت جي تڪرار تان منهنجي والد عبدالمجيد سومرو جي قبر کي باهه لڳائي بي حرمتي ڪئي.































