غوثپور (ن  پ ا) غوثپور پوليس پاران ٻن نوجوانن مير شيخ ۽ اسد شيخ کي فل فراءِ ڪرڻ خلاف وارثن عطاءَ الله شيخ، ميران شيخ، مهراڻ شيخ، وزير شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته 6 ڏينهن اڳ غوثپور پوليس رشوت نه ملڻ تي جڙتو مقابلي ۾ اسان جي 2 نوجوانن کي فل فراءِ ڪيو.هنن چيو ته آءِ جي سنڌ ايس ايچ او احمد نواز جکراڻي کي معطل ڪرڻ کان علاوه وڌيڪ ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي، ايس ايچ و ۽ ٻين ملوث عملدارن کي ايس ايس پي ڪشمور بچائڻ چاهي ٿو، پوليس جي انڪوائري تي ڀروسو ناهي، جوڊيشل انڪوائري ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.وارثن اعلان ڪيو ته سومر تي ايس ٽي پي، جميعت علماءِ اسلام ۽ ٻين تنظيمن سان گڏجي شهر ۾ شٽربندهڙتال ڪري انڊس هاءِ وي تي اڻ اعلانيل مدي تائين ڌرڻو هڻنداسين.