غوثپور (ن پ ا ) غوثپور ۾ خودڪشي ڪندڙ صوفي فقير شاهه ڏنو درگاھ جي گادي نشين صوفي حسيب بجاراڻي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ درگاھ انباھ شريف چڪ جي گادي نشين، ڪنڌرا درگاھ جي گادي نشين باباميرل سائين، ٻڍل سائين درگاھ جي گادي نشين، جھوڪ، ڀٽ ڌڻي سميت ڪيترن ئي سنڌ جي صوفي درگاھن جي گادي نشينن، فقيرن، مٽن مائٽن، دوستن، احبابن سميت سول سوسائٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي.گادي نشين صوفي فقير حسيب علي جي مڙھ کي صوفي فقيرن سنگ سان آلين اکين سان درگاھ جي سابقه گادي نشين صوفي فقير شاھ ڏنو ۽ سندس والد صوفي فقير سائين عبدالمالڪ ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.واضع رهي ته گادي نشين فقير حسيب علي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي هئي.