غوثپور (ن پ ا ) غوثپور ويجهو بي ايس فيڊر ڀرسان مڇي جي فارم تي پهرو ڏيندڙ نوجوان نورحسن ميراڻي کي هٿياربند ٽولي پاران اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نوجوان رڙيون ڪري ڀڄي پاڻ بچايو، اغوا کان بچي ويل نوجوان جو چوڻ هو ته ڇهه کان وڌيڪ هٿياربندن اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته رڙيون ڪري ڀڄي جان بچائي رڙين تي ڀرپاسي جا ماڻهون پهتا ته هٿياربند فرار ٿي ويا.