غوثپور (رپورٽ: ظفر ڀيو) غوثپور پوليس ٻن ڄڻن کي ڦل فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ، ان ڏس ۾ پوليس موجب ته  شھر ڀرسان مين انڊس هاءِ وي  تي دودو کبڙ واري علائقي ۾ ھٿياربند ڏوھاري رستي ويندڙ مسافرن کان موٽرسائيڪلون ڦري فرار ٿي ڪچي طرف وڃي رھيا ھئا ته گشتي پوليس اطلاع ملڻ تي سندن پيڇو ڪيو ته، جوابدارن  پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾  ٻئي ڏوھاري ٿڏي تي مارجي ويا، جن جي سڃاڻپ اسد الله ۽ مير شيخ طور ٿي آھي، ٻي طرف اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد ٻنهي ڄڻن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مارجي ويل نوجوانن جي وارثن  دريا خان شيخ، گلذار شيخ، عطاءُ الله شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته غوثپور پوليس اسان جي ٻنهي نوجوانن کي 3 ڏينهن اڳ گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو هو، نوجوانن جي آزادي لاءِ ٿاڻي تي ويا سين ته ايس ايچ او نوجوانن جي آزادي لاءِ 4 لک طلب ڪيا، انڪار تي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي نوجوانن کي قتل ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف مظاهرين جي مسلسل پنج ڪلاڪ تائين لڳل ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.  هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته  مارجي ويل 2 نوجوانن مان هڪ ڄڻو اسد شيخ سينئر  قانوندان حاڪم علي شيخ جو ڀاڻيجو ۽ فوڊ انسپڪٽر بلخ شير شيخ جو ڀائيٽو آهي.