ڪنڌڪوٽ/ غوثپور (نمائندن وٽان) غوثپور پوليس پاران 4 ڏينهن اڳ فل فراءِ ڪيل ٻن نوجوانن اسد شيخ ۽ مير خان شيخ جي وارثن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ايس ايس پي آفيس تائين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو. جمالدين اوڳاهي، اسدالله ڀيو، اڪرم باجڪاڻي، ظريت بجاراڻي، دلمراد ڏاهاڻي، سجاد بروهي، بلخ شير شيخ،  قانوندان حاڪم شيخ، سنڌ بار ڪائونسل ميمبر عبدالغني بجاراڻي، محمد نواز بنگوار، بجاراڻي ميڊيا آڏو الزام لڳايو ته پوليس ٻن نوجوانن کي گرفتار ڪري چار لک رشوت گهري نه ملڻ تي جڙتو مقابلي ۾ کين فل فراءِ ڪيو ويو. واقعي کي عدالت کان مٿانهون قتل سمجهون ٿا،  چيف جسٽس آف پاڪستان نوٽيس وٺي، هوڏانهن آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس ورتو، ايس ايس پي ڪشمور ايس ايچ او غوثپور کي معطل ڪيو، ڏهه ڪلاڪ تائين لڳل ڌرڻي ۾ پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون، شيخ برادري، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاڻ ۾ صلاح بعد  ڌرڻو ختم ڪري سومر ڏينهن غوثپور انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو.هوڏانهن ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ هو ته معاملي جي انڪوائري جوڙي وئي آهي ۽ ايس ايڇ او کي سسپنڊ ڪيو ويو آهي.