غوثپور (ن پ ا) غوثپور پوليس عورتاڻي آواز تي هرکجي آيل لاڙڪاڻي  جي نظر محلا واسي محمد عثمان ولد محمد خان چانڊيو کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.  پوليس جديد ٽيڪنالاجي مدد سان انڙ اسٽاپ واري علائقي ۾ محمد عثمان چانڊيو کي ڪچي طرف وڃڻ کان روڪي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. پوليس موجب محمد عثمان چانڊيو کي تيغاڻي گينگ پاران عورتاڻي آواز ۾ هرکائي ڪچي طرف اچڻ جو چئي کيس اغوا ڪرڻ جو پلان جوڙيو ويو هو. جنهن کي جديد ٽيڪالاجي مدد سان ناڪام بڻائي نوجوان کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو