غوثپور (ن پ ا ) غوثپور جي دولي چوڪ واري علائقي جي ناري گهران نڪري وئي، وارثن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو  ته ناري جا والدين پنهنجو علاج ڪرائڻ  لاءِ سکر نڪري ويا هئا، واپس اچڻ تي ناري گهر ۾ موجود نه هئي، ناري جي گهران نڪري وڃڻ جي اطلاع پوڻ تي سندس امڙ کي بي هوشي جا دورا پئجي ويا. ان ڏس ۾ غوثپور پوليس جو چوڻ هو ته ناري جو موبائل ٽريس تي لڳائي جاچ ڪريون پيا، ڄاڻ ملي آهي ته ناري چڪ واسي  نوجوان ايان تلريجا سان پيار پرڻي لاء گهران نڪري وئي آهي.ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آهن ناري پنهنجي چاهيندڙ سان گڏ گهران نڪري پيار پرڻو ڪرڻ لاءِ رهڙڪي شريف پهتي آهي.هوڏانهن هندو پنچايت اڳواڻ مکي سريش جي اوطاق تي ڪٺ گهرايو ويو آهي.