غوثپور(ن پ ا)غوثپور ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ٻن ڌنارن عبدالهادي لاشاري ۽ الله بخش لاشاري تي تشدد واري وڊيو ڏوهارين وائرل ڪري ڇڏي. مغوي هادي بخش لاشاري وڊيو ۾ ٻڌائي رهيو آهي ته مغوي الله بخش جي طبعيت انتهائي خراب آهي، اسان درياءَ جي ڪپ تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، مغوي ايس ايس پي ڪشمور کي منٿون ڪري رهيا آهن ته خدا جي واسطي اسان کي بازياب ڪرايو، ڏوهاري اسان کي ماري ڇڏيندا، اهڙو وڊيو وائرل ٿيڻ بعد مغوين جا وارث پريشان ٿي ويا آهن.عزيزالله لاشاري جو چوڻ هو ته غوثپور پوليس حد بندي جو تڪرار ڄاڻائي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.