وڳڻ ( ن پ ا )غوثپور ٿاڻي جي حد مان سرن بٺي تان اغوا ٿي ويل پورھيت علي انور ڪوري کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي. مغوي پورھيت جي اکين جي نور کان محروم پيرسن امڙ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته انتھائي غريب آھيون، پٽ سرون وجھي پورھيو ڪندو آھي. جنھن ڪري اسانجو گھر ھلندو آھي. اسان سندس اغوا بعد بکون ڪاٽي رھيا آھيون. اسان مٿان رحم ڪري علي انور ڪوري کي آزاد ڪيو وڃي. پورھيت جي پيرسن امڙ سندس معصوم ٻچڙن ۽ ٻين وارثن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڊي آء جي لاڙڪاڻو مظھر نواز شيخ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ عرفان سمون سميت ٻين وس وارن کي روئيندي اپيل ڪئي آھي. ته سندن مسڪين پورھيت کي بازياب ڪرايو وڃي.