غوثپور (رپورٽ: ظفر ڀيو) غوثپور ويجهو  اغوا ٿيل 2 اهلڪارن کي پوليس پاران مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، ڊيل تحت آزادي جا چوٻول، ان ڏس ۾ غوثپور ويجهو 2 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويل 2 پوليس اهلڪارن  سجاد جکراڻي ۽ عبدالجبار وسطڙو کي ڪشمور ضلعي جي پوليس پاران داني مهر ٿاڻي جي حد جي ڪچي واري علائقي مان ڏوهارين سان مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ياد رهي ته 2ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پوليس اهلڪار جي ڏوهارين پاران ويڊيو وائرل ڪئي وئي هئي، ويڊيو ۾ پوليس اهلڪار ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪري رهيا هئا ته ڏوهارين جي گرفتار نينگر کي آزاد ڪري اسان کي آزاد ڪرايو هوڏانهن گرفتار ٿيل واجد علي  ڀيو جي وائرل ٿيل ويڊيو تان پوليس هٿ کڻي وئي ۽ ڄاڻايو ويو ته واجد جي ڀريل ويڊيو بابت اسان کي ڪا به ڄاڻ ناهي، پوليس ذريعن موجب ته واجد ڀيو کي بي سيڪشن پوليس پاران آزاد ڪيو ويو آهي، جنهن جي بدلي ۾ ٻنهي پوليس اهلڪارن کي به ڏوهارين پاران آزاد ڪيو  ويو، هوڏانهن  پوليس ڄاڻايو آهي ته ٻنهي پوليس اهلڪارن جي بازيابي لاءِ دراني مهر ٿاڻي جي حد جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن هلندڙ هو جنهن دوران ٻنهي پوليس اهلڪارن کي بازياب ڪرايو ويو.