ڪنڌڪوٽ/ غوثپور (نمائندن وٽان)  غوثپور جي ڪچي دراني مهر ٿاڻي جي حد ۾ ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جاگيراڻي، ڀيا ۽ سبزوئي گينگ خلاف ٻئي ڏينهن به آپريشن  جاري رهيو.هوڏانهن آپريشن دوران ايس ايس پي ڪشمور پاران ڏهه کان ٻارنهن ڏوهاري مارڻ واري دعوا ڪوڙي نڪتي، 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به ڪنهن ڏوهاري جي مارجڻ جي تصديق يا لاش هٿ نه آيا .ٻئي پاسي بدنام ڏوهاري خادم ڀيو سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪندي چيو آهي ته اسان پنهنجي گهرن ۾ ويٺا آهيون، پوليس اسان جو ڪو به نقصان ناهي ڪيو.هن چيو ته ايس ايڇ او لطيف ميراڻي اسان تي ريٽ دوران شهيد ناهي ٿيو هو ڪنهن ٻئي هنڌ شهيد ٿيو آهي. ٻئي طرف ڌاڙيل نواب جاگيراڻي جو به سوشل ميڊيا تي موقف وائرل ٿي ويو آهي. هن پنهنجي لکيل ڪمنٽ ۾ ڄاڻايو ته پوليس آپريشن ۾ اسان جو ڪو به ماڻهو زخمي يا مارجي ناهي ويو، پوليس جي ڏوهارين کي مارڻ واري دعويٰ ڪوڙي آهي. جڏهن ته ڏوهاري مارجڻ واري پوليس دعويٰ ڪوڙي نڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي ايس ايس پي ڪشمور کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي.ايس ايس پي جو چوڻ هو ته پوليس ڏوهاري خادم ڀيو خلاف آپريشن ڪري رهي آهي. پوليس چوڌاري ڏوهاري خادم ڀيو جي ٿاڪن تي گهيرو ڪري ورتو آهي. ڏوهاري جي ٿاڪن تي 5 اي پي سي چين گهيري ۾ آڻي بيٺا آهن. پوليس مٿان ڏوهاري گينگ ڪيترائي راڪيٽ لانچر فائر ڪيا آهن ۽ پوليس به ڏوهارين مٿان راڪيٽ لانچر گولا جديد هٿيار استعمال ڪري رهي آهي. واضح رهي ته پوليس آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ايس ايچ او لطيف ميراڻي شهيد ٿي ويو هو، جڏهن ته ڊي ايس پي قلندر بخش سومرو ۽ اهلڪار سميت هڪ عورت ۽  واٽهڙو زخمي ٿي پيا هئا.