غوثپور (ن پ ا) غوثپور جي ڪچي دراني مهر ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين خلاف پوليس جو ٽئين ڏينهن به آپريشن جاري رهيو.ٻئي طرف پوليس ڏوهاري خادم ڀيو جي چمني اسٽاپ تي مين انڊس هاءِ وي ڀرسان مختلف ماڻهن کي مقادي ۽ هارپي تي ڏنل زمين ۾ بيٺل ڪڻڪ جي فصل کي باهه ڏئي ڇڏي .ذريعن موجب هارين منٿون ڪيون پر پوليس هڪ به نه ٻڌي آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين پاران هڪ ٻئي مٿان راڪيٽ لانچر جا گولا اينٽي ايئر ڪرافٽ گن ۽ ٻين جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي.واضع رهي ته پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ جاگيراڻي، ڀيا ۽ سبزوئي گينگ خلاف آپريشن ڪيو ويو هو، ڏوهارين جي فائرنگ ۾ هڪ ايس ايڇ او لطيف ميراڻي شهيد ٿي ويو هو، جڏهن ته ڊي ايس پي قلندر بخش سومرو ۽ اهلڪار سميت هڪ عورت ۽  واٽهڙو سميت چار ڄڻا گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا هئا. ٽن ڏينهن کان هلندڙ آپريشن ۾ پوليس کي ڪي به خاطر خواه نتيجا نه  ملي سگهيا پوليس آپريشن ختم ڪري واپس رواني ٿي وئي.